پاڪستان ۾ 70لک ۽ دنيا ۾ 30 ڪروڙ 82 لک ماڻهو شوگر جي بيماري مبتلا آهن

world-diabetes-day

سنڌ سميت سموري دنيا ۾ شگر کان آگاهي جو  ڏينهن ملهايو پيو وڃي، انگ اکرن موجب پاڪستان ۾ 70لک ۽ دنيا ۾ 30 ڪروڙ 82 لک ماڻهو  شوگر جي بيماري مبتلا  آهن، جڏهن ته پاڪستان شگر جي مريضن جي حوالي سان دنيا ۾ ستين نمبر تي آهي.

ماهر ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته شگر جي بيماري جو مکيه سبب ٿولهه ۽ ورزش نه ڪرڻ آهي ۽ اهڙي مرض کان بچڻ لاءِ متوازن غذا جو استعمال لازمي آهي.

انٽرنيشنل ڊائبٽيز فيڊريشن موجب  دنيا ۾ ڊائبٽيز جا 30 ڪروڙ مريض ٽائيپ ٽو ۾ مبتلا آهن ۽ سال 2040 تائين دنيا ۾ شگر جي مريضن جو انگ وڌي 60 ڪروڙ ۽ 40 لک ٿي سگهي ٿو.

ماهرن جو چوڻ آهي ته پاڪستان شگر جي مريضن جي حوالي سان دنيا ۾ ستين نمبر تي آهي ۽2025تائين چوٿين نمبر تي اچي ويندو.

 اڄ شگر کان آگاهي جي عالمي ڏينهن تي صحت سان واڳيل تنظيمن پاران سيمينار ۽ ٻيا پروگرام منعقد ڪيا ويا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*