گهوٽڪي ۾ ڪمند جا اگهه گهٽائڻ خلاف شهر ۾ شٽر بند هڙتال ڪئي وئي

گهوٽڪي ۾ ڪمند جا اگهه گهٽائڻ خلاف آبادگارن پاران شهر ۾ شٽر بند هڙتال ڪرائي قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو ويو آهي، آبادگارن جو چوڻ آهي ته هو ڪمند ساڙي ڇڏيندا پر هن اگهه تي ڪڏهن به ملز کي ڪمند نه ڏيندا.

آبادگارن پاران ڪمند جا اگهه گهٽائڻ خلاف شهر ۾ شٽر بند هڙتال ڪرائي قومي شاهراهه تي قاضي واهه وٽ ڌرڻو هنيو ويو ، جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي آهي.

آبادگارن چيو آهي ته سنڌ سرڪار ڪمند جا اگهه گهٽائي آبادگارن جي پيٽ تي ڇُرو هڻي سڄي ڪيتي ڪئي تي پاڻي ڦيري ڇڏيو آهي.

آبادگارن جو چوڻ آهي ته هو ڪمند ساڙي ڇڏيندا پر هن اگهه تي ڪڏهن به ملز کي ڪمند نه ڏيندا، جنهن جو تدارڪ ڪيو ويو .

آبادگارن مطالبو ڪيو ته سنڌ سرڪار پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪري اگهه 182 مقرر ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

ياد رهي ته سنڌ سرڪار مل مالڪان جي دٻاءُ تي اچي ڪمند جو اگهه 182 رپين مان گهٽائي 155 رپيا مقرر ڪيو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*