سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ القاعده جو ڪمانڊر عدنان الشڪوري ساٿين سميت مارجي ويو

ڏکڻ وزيرستان جي علائقي شين وارسڪ ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي دوران القاعده جو پرڏيهي آپريشن بابت ڪمانڊر عدنان الشوڪري جمعا ساٿي سميت مارجي ويو، جڏهن ته ڪارروائي دوران پاڪ فوج جو هڪ جوان به شهيد ٿي ويو، آرمي چيف جنرل راحيل شريف، فورسز کي ڪامياب ڪارروائي تي واڌايون ڏيندي چيو آهي ته دهشتگردن جو هر هنڌ پيڇو ڪيو ويندو.

آءِ ايس پي آر موجب، ڏکڻ وزيرستان جي علائقي شين وارسڪ ۾ سڪيورٽي فورسز پاران ڪارروائي ڪئي وئي، جنهن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پاڪ فوج جو هڪ جوان شهيد ٿي ويو.

آءِ ايس پي آر موجب، جوابي ڪارروائي دوران القاعده جو ڪمانڊر عدنان الشوڪري جمعا ساٿي سميت مارجي ويو، جڏهن ته ڪارروائي دوران 5 دهشتگردن کي پڻ گرفتار ڪيو ويو آهي.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته عدنان الشوڪري جمعا علائقي ۾ روپوش هو، جيڪو القاعده جي پرڏيهي آپريشن بابت انچارج هو.

آرمي چيف جنرل راحيل شريف، سڪيورٽي فورسز کي واڌايون ڏيندي چيو آهي ته دهشتگردن خلاف بنا ڪنهن فرق جي ڪارروائي ڪئي پئي وڃي، دهشتگردن جو هنڌ هنڌ پيڇو ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*