لاڙڪاڻي ۾ شگر جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان سول اسپتال کان جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي

larkano-dr-reli

لاڙڪاڻو: شگر جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان سول اسپتال کان جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي، شهر جي مختلف رستن کان ٿيندي چلڊرن اسپتال جي آڊيٽوريم هال وٽ پهتي، جتي جاڳرتا سيمينار ٿيو. اتي پروفيسر حاڪم علي ابڙو، پروفيسر بشير احمد شيخ، آفتاب حسين شاهه ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته کاڌ خوراڪ بهتر نه هئڻ، ورزش نه ڪرڻ سبب شگر جو مرض جنم وٺي ٿو، جنهن ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي، پاڪستان اندر 70 لک شوگر مريض آهن، جن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. لاڙڪاڻي ضلعي جي مختلف اسپتالن ۾ شگر جا 4 هزار کان وڌيڪ مريض رجسٽرڊ آهن. سيمينار دوران شگر جي مريضن کي گلوڪو ميٽر ڏنو ويو،

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*