لاڙڪاڻي ۾ سنڌ بلڊ ٽرانسفيوزن اٿارٽي جي سيڪريٽري ڊاڪٽر زاهد حسن انصاري ليبارٽريز ۽ بلڊ بئنڪس تي ڇاپن دوران ناقص مٽيريل ۽ نان ٽيڪنيڪل اسٽاف هجڻ تي هڪ ليبارٽري کي سيل ڪرائي ڇڏيو

larkano-Adc

لاڙڪاڻي ۾ سنڌ بلڊ ٽرانسفيوزن اٿارٽي جي سيڪريٽري ڊاڪٽر زاهد حسن انصاري ليبارٽريز ۽ بلڊ بئنڪس تي ڇاپن دوران ناقص مٽيريل ۽ نان ٽيڪنيڪل اسٽاف هجڻ تي هڪ ليبارٽري کي سيل ڪرائي ڇڏيو.

سنڌ بلڊ ٽرانسفيوزن اٿارٽي جي سيڪريٽري ڊاڪٽر زاهد حسن انصاري، اسسٽنٽ ڪمشنر مسعود ڀٽو سان گڏجي شهر جي مختلف ليبارٽيز ۽ بلڊ بئنڪس تي ڇاپا هنيا.

ڇاپن دوران ناقص مٽيريل، نان ٽيڪنيڪل اسٽاف ۽ پيٿالوجٽس موجود نه هجڻ تي هڪ ليبارٽري نيشنل پيٿالاجي کي سيل ڪيو ويو.

ان موقعي تي سنڌ بلڊ ٽرانسفيوزن اٿارٽي جي سيڪريٽري جو چوڻ هو ته ناقص مٽيريل ۽ ڊاڪٽر نه رکندڙ ليبارٽريز کي سيل ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*