ڪراچي جي ڪسٽم عدالت صفوران سانحي ۾ ملوث جوابدارن کي هٿيار وڪرو ڪندڙ ڊيلر زاهد موتيوالا کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم

Safoora Attacks

ڪراچي جي ڪسٽم عدالت صفوران سانحي ۾ ملوث جوابدارن کي هٿيار وڪرو ڪندڙ ڊيلر زاهد موتيوالا کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، دهشتگردي ٽوڙ عدالت صفوران سانحي جي سهولتڪار شيبا احمد جي جسماني رمانڊ ۾ 15 ڏينهن جي واڏ ڪري ڇڏي آهي.

ڪراچي جي ڪسٽم عدالت ۾ صفوران سانحي جي ڪيس بابت ٻڌڻي دوران ايف آءِ اي عدالت کي ٻڌايو ته اسمگلر ممتاز اعتراف ڪيو آهي ته صفوران سانحي ۾ استعمال هٿيار رٽائرڊ آفيسر حفيظ کي فراهم ڪيا ويا.

عدالت اهڙي آگاهي بعد هٿيارن جي ڊيلر زاهد موتيوالا کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت صفوران سانحي ۾ سهولتڪار هئڻ جي الزام هيٺ گرفتار جوابدار شيبا احمد جي رمانڊ ۾  15 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*