سينيٽ چيئرمين رضا رباني ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق پنهنجي فرانسيسي هم منصبن ڏانهن خط لکي پئرس حملن جي مذمت ڪئي

perase14-11-15

سينيٽ چيئرمين رضا رباني ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق پنهنجي فرانسيسي هم منصبن ڏانهن خط لکي پئرس حملن جي مذمت ڪئي آهي.

سينيٽ چيئرمين رضا رباني، فرانس جي ايوان بالا جي صدر کي خط لکيو آهي، جنهن ۾ هن پئرس ۾ دهشتگرد حملن جي مذمت ڪندي جاني نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي.

رضا رباني چيو آهي ته پاڪستان جو عوام هن ڏکي وقت ۾ فرانس سان گڏ آهي، دهشتگردي رڳو هڪ ملڪ نه پر سڄي دنيا جو مسئلو آهي، ان جي خاتمي لاءِ عالمي برادري کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق به فرانسيسي هم منصب کي خط لکي پئرس حملن جي مذمت ڪئي آهي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*