ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ، پاڪستان کي موهالي يا ڪولڪتا ۾ ڪرڪيٽ سيريز کيڏيڻ جي آڇ ڪئي آهي، پي سي بي چيئرمين شهريار خان

shahryarkhan_PCB

ڀارت ۾ وڌندڙ انتهاپسندي تي ڇتي تنقيد ۽ بدنامي کانپوءِ مودي سرڪار جا پويان پير، پاڪستان سان سيريز کيڏڻ کان مسلسل انڪار ڪندڙ ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ پي سي بي چيئرمين شهريار خان سان رابطو ڪري ڀارت ۾ سيريز کيڏڻ جي آڇ ڪري ڇڏي، شهريار خان چيو آهي ته موجوده حالتن ۾ ڀارت وڃڻ جي پوزيشن ۾ نه آهيون، ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ کي نيوٽرل هنڌ تي سيريز کيڏڻ لاءِ چيو آهي، حڪومت سان مشاورت بعد حتمي فيصلو ڪنداسين.

ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ، پاڪستان کي موهالي يا ڪولڪتا ۾ ڪرڪيٽ سيريز کيڏيڻ جي آڇ ڪري ڇڏي آهي، پي سي بي چيئرمين شهريار خان چيو آهي ته موجوده حالتن ۾ ڀارت وڃڻ جي پوزيشن ۾ ناهيون، نيوٽرل وينيو تي سيريز کيڏي سگهجي ٿي، گورننگ باڊي جي اجلاس ۾ مشاورت بعد حتمي جواب ڏنو ويندو.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پي سي بي چيئرمين شهريار خان چيو ته ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي سربراهه ششانڪ منوهر کيس گذريل ڏينهن فون ڪري هو پاڪستان سان ڪرڪيٽ سيريز کيڏڻ لاءِ تيار آهن، حڪومت کين اهڙي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.

شهريار خان چيو ته ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ هندستان ۾ ڪرڪيٽ سيريز کيڏڻ چاهي ٿو، ششانڪ منوهر چيو آهي ته موهالي ۽ ڪولڪتا سميت ٻين ڪرڪيٽ گرائونڊز تي سيريز کيڏڻ جي آپشن موجود آهن.

هـُن چيو ته پاڪستان 2007 ۽ 2012 ۾ ڪرڪيٽ سيريز کيڏڻ لاءِ ڀارت وڃي چڪو آهي، ٽيون ڀيرو نٿو وڃي سگهي ۽ هن وقت حالتون به اهڙيون ناهن، نيوٽرل وينيو تي سيريز کيڏڻ لاءِ تيار آهيون.

پي سي بي چيئرمين چيو ته هڪ سيريز نه کيڏڻ سبب پاڪستان کي 50 ملين ڊالرز جو نقصان ٿيو آهي، جنهن بابت ڀارت کي آگاهه ڪيو آهي، جيڪڏهن ڀارت سيريز کيڏڻ لاءِ وياسين ته وڏو نقصان ٿيندو.

هڪ سوال جي جواب ۾ شهريار خان چيو ته گورننگ باڊي جي اجلاس ۾ سومر تي ڀارتي آڇ بابت ٻڌايو ويندو، حڪومت سان به مشاورت بعد حتمي فيصلو ڪيو ويندو….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*