ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ناڪامي جي ڊپ کان بوکلاهٽ جو شڪار آهي:صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال

ANWAR-SYAL

صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال چيو آهي ته درازا سانحي جي جاچ ۾ اڳڀرائي ٿي آهي، واقعي ۾ ملوث ڇهه جوابدار گرفتار ٿي چڪا آهن، جڏهن ته ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ناڪامي جي ڊپ کان بوکلاهٽ جو شڪار آهي.

صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال جي صدارت هيٺ سانگهڙ ۾ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي جي حوالي سان سڪيورٽي صورتحال بابت اهم اجلاس ٿيو.

اجلاس ۾ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پيز سميت لاڳاپيل کاتن جي عملدارن شرڪت ڪئي، جنهن دوران گهرو وزير کي امن امان بابت بريفنگ ڏني وئي.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سهيل انور سيال چيو ته درازا سانحي جي جاچ جاري آهي، وڏي وزير پير پاڳاري سان رابطو  ڪري واقعي جي ذميوارن کي پنهنجي انجام تائين پهچائڻ جي خاطري ڪرائي آهي.

هن چيو ته سنڌ حڪومت درازا سانحي جي جاچ لاءِ جڊيشل ڪميشن جوڙڻ جي درخواست ڏني آهي، جڏهن ته واقعي ۾ ملوث ڇهن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

هڪ سوال جي جواب ۾ سهيل انور سيال چيو ته ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ناڪامي جي ڊپ کان ڌانڌلي جو راڳ الاپي رهيو آهي، کيس شڪست کانسواءِ ڪجهه به حاصل نه ٿيندو.

هن چيو ته مڪاني چونڊن جو ٻيو مرحلو صاف ۽ شفاف بڻائڻ لاءِ سڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن، ڪنهن اڻوڻندڙ صورتحال کي منهن لاءِ اڳواٽ قدم کنيا پيا وڃن.

ٻئي پاسي صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال پ پ جي شهيد ڪارڪن سعود آرائين جي ٿڏي تي پهچي سندس وارثن سان تعزيت به ڪئي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*