قومي اقتصادي ڪائونسل سنڌ ۾ روڊ رستن جي بهتري سميت مختلف منصوبن جي منظوري ڏئي ڇڏي

ishaq-dar

قومي اقتصادي ڪائونسل سنڌ ۾ روڊ رستن جي بهتري سميت مختلف منصوبن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

اسلام آباد ۾ ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ قومي اقتصادي ڪائونسل جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مختلف ترقياتي منصوبن جو جائزو ورتو ويو.

 ناڻي واري وزارت پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب، اجلاس ۾ نئين اسلام آباد ايئرپورٽ کي ملائيندڙ روڊز جي تعمير ۽ زمين جي خريداري واري منصوبي جي منظوري ڏني وئي.

 پڌرائي موجب، ايڪنڪ پاران سنڌ ۾ رستن جي بهتري لاءِ مختلف منصوبن جي منظوري پڻ ڏني وئي آهي، جڏهن ته لاهور کان ملتان تائين 230 ڪلو ميٽر موٽروي منصوبي جي به منظوري ڏني وئي.

ناڻي واري وزارت جو چوڻ آهي ته اسلام آباد کي بجلي فراهم ڪندڙ آئيسڪو ۽ لاهور کي بجلي جي فراهمي ڏيندڙ ليسڪو لاءِ سمارٽ ميٽرنگ انفرا اسٽرڪچر جي به اصولي منظوري ڏني وئي آهي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*