عمران هاڻي ڌانڌلي خان بڻجي ويو آهي،سنڌ ۾ ناڪامي کانسواءِ ڪجهه به حاصل نه ٿيندو:سنڌ اسيمبلي جَي اسپيڪر آغا سراج دراني

siraj-durani

سنڌ اسيمبلي جَي اسپيڪر آغا سراج دراني چيو آهي ته عمران هاڻي ڌانڌلي خان بڻجي ويو آهي،کيس سنڌ ۾ ناڪامي کانسواءِ ڪجهه به حاصل نه ٿيندو.

لاڙڪاڻي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي آغا سراج دراني چيو ته مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي لاءِ سنڌ ۾ فوج مقرر ڪرڻ جو فيصلو اليڪشن ڪميشن ڪندي.

هن چيو ته مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي لاءِ فوج مقرر ڪرڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي، اڳوڻا وڏا وزير فوج مقرر ڪرڻ لاءِ اجائي واويلا   ڪري رهيا آهن.

آغا سراج دراني چيو ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي رهي آهي، صوبائي سرڪار مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي لاءِ سڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا آهن.

هن چيو ته تحريڪ انصاف جو سربراهه عمران خان مان هاڻي ڌانڌلي خان بڻجي چڪو آهي، کيس وڏيون ڳالهيون ڪرڻ بدران ڪجهه عملي ڪم به ڪرڻ گهرجن……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*