رينجرز ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڪارروائي دوران دهشتگردن سميت 36 ڄڻن کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪري ورتا

karachi-rangers

رينجرز ڪراچي جي  مختلف علائقن ۾ ڪارروائي دوران ڪجهه دهشتگردن سميت 36 ڄڻن کي گرفتار ڪري هٿيار  هٿ ڪري ورتا آهن.

رينجرز ترجمان جو چوڻ آهي ته  احسن آباد، نصرت ڀٽو ڪالوني، فيڊرل بي ايريا، عثمان آباد، پختون آباد  ۽ ٻين علائقن ۾ ڪارروايون ڪيون ويون ،  جنهن دوران ڪجهه دهشتگردن سميت 36 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو.

رينجرز ترجمان جو وڌيڪ چوڻ آهي ته  ڪارروائي دوران جوابدارن وٽان هٿيار ۽ احسن آباد واري علائقي مان غير قانوني هائڊرينٽس تان ٽن ٽئنڪرز کي  تحويل ۾ ورتو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*