نيوزيلينڊ جي ٽيم ٻن ٽي ٽوئنٽي ميچز تي ٻڌل سيريز ٻين ۽ آخري ميچ ۾ قومي ٽيم کي شڪست ڏئي ڇڏي

نيوزيلينڊ جي ٽيم ٻن ٽي-ٽوئنٽي ميچز تي ٻڌل سيريز جي ٻين ۽ آخري ميچ ۾ قومي ٽيم کي 17 رنز تان شڪست ڏئي سيريز هڪ-هڪ ميچز سان برابر ڪري ورتي آهي.

گڏيل عرب امارتن جي شهر دبئي ۾ کيڏي ويل ٻي ٽي-ٽوئنٽي ميچ ۾ قومي ٽيم جي ڪپتان شاهد آفريدي ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

ڪيوي ٽيم مقرره 20 اوورس ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 144 رنز اسڪورڪيون، جنهن ۾ ڪين وليمسن 32، رونچي 31،ٽوم لاٿم 26 ۽ڊيويسيچ 21 رنز جي اننگ کيڏي نمايا رهيا.

قومي ٽيم پاران شاهد آفريدي ۽عمر گل 2-2 جڏهن ته رضا حسن، محمد حفيظ ۽ سهيل تنوير هڪ-هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

پهرين ميچ ۾ ست وڪيٽن تان ڪاميابي حاصل ڪندڙ قومي ٽيم نيوزيلنڊ جي ٽيم پاران ميچ کٽڻ لاءِ مليل 145 رنز جو ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي ۽ پوري ٽيم 18 ڏهائي 5 اوورس ۾ 127 رنز ٺاهي آئوٽ ٿي وئي.

قومي ٽيم پاران احمد شهزاد 33، شاهدآفريدي 28 ۽سعد نسيم 19 رنز جي اننگ کيڏي نمايا بيٽسمين رهيا.

نيوزيلينڊ جي ٽيم پاران ڪائل ملز ۽نيشام 3-3 جڏهن ته هينري ۽ڊينيل وٽوري هڪ-هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

نيوزيلينڊ جي ڊيويسيچ کي آلرائونڊ ڪارڪردگي جومظاهرو ڪرڻ تي مين آف دي ميچ جي ايوارڊ سان نوازيو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*