آرمي چيف جنرل راحيل شريف 5 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي آمريڪا پهچي ويو

army-chief

آرمي چيف جنرل راحيل شريف 5 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي آمريڪا پهچي ويو، آءِ ايس پي آر  چيو آهي ته خطي جي تبديل ٿيندڙ حالتن ۾ آرمي چيف جو آمريڪي دورو وڏي اهميت وارو آهي، ضرب عضب ۾ افغانستان ڪو به سهڪار نه ڪيو آهي.

آرمي چيف جنرل راحيل شريف 5 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي آمريڪا جي شهر ڊلاس پهتو، جتي پاڪستاني سفارتخاني جي عملدارن ۽ آمريڪي دفاعي اختيارين سندس آجيان ڪئي.

ذريعن موجب آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي آمريڪي دفاعي اختيارين سان باضابطه ملاقاتن جو سلسلو سڀاڻي کان شروع ٿيندو.

واشنگٽن ۾ موجود ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل عاصم سليم باجوه ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته ملاقاتن دوران آمريڪا سان فوجي معاملن ۽ ٻطرفن لاڳاپن سميت وسيع ايجنڊا تي ڳالهيون ٿينديون.

عاصم باجوه چيو ته خطي جي تبديل ٿيندڙ حالتن ۾ آرمي چيف جنرل راحيل شريف جو آمريڪي دورو انتهائي اهميت رکي ٿو.

هن چيو ته آپريشن ضرب عضب جا اثر نظر اچي رهيا آهن ۽ ان آپريشن سان پاڪ افغان سرحدن جي ٻنهي طرفن کان ٿيو آهي.

عاصم باجوه چيو ته افغان سرڪار کي  اڳواٽ ئي آگاهه ڪيو ويو هو ته ضرب عضب جي ڪري دهشتگرد افغانستان ڀڄي ويندا، تنهنڪري سرحدون سيل ڪيون وڃن، پر افغان سرڪار ضرب عضب ۾ مدد لاءِ ڪي به قدم نه کنيا آهن.

ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته دهشتگردن کي ڀڄڻ کان روڪڻ لاءِ سرحد تي سخت نگراني جي ضرورت آهي.

عاصم باجوه چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ امن جي قيام لاءِ سدائين مدد ڪئي ۽ نيڪ نيتي سان افغانستان ۾ امن ڪوششن جي حمايت ڪندو رهندو…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*