قانون لاڳو ڪندڙ اداري ڪراچي جي علائقي بلديه ٽائون ۾ ڪارروائي ڪري ٽن مبينا ڏوهارين کي گرفتار ڪري ورتو

karachi-rangras09-9

قانون لاڳو ڪندڙ اداري ڪراچي جي علائقي بلديه ٽائون ۾ ڪارروائي ڪري ٽن مبينا ڏوهارين کي گرفتار ڪري ورتو، لياري ۾ پوليس مقابلي دوران هڪ مبينا ڦورو کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته فيدرل بي ايريا مان هڪ جوابدار کي هٿيارن ۽ بم سميت گرفتار ڪي ويو.

ڪراچي جي بلديه ٽائون ۾ قانون لاڳو ڪندڙ اداري جي ڪارروائي ۾ 3 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو.

ذريعن موجب گرفتار جوابدارن جو تعلق لياري گينگ جي بابا لاڊلا گروپ سان آهي، سندس ڀاءُ شڪيل لاڊلا به گرفتار جوابدارن ۾ شامل آهي.

پوليس لياري جي اولڊ ٽمبر مارڪيٽ ۾ مقابلي دوران هڪ مبينا ڦورو کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

پوليس موجب جوابدار جو تعلق لياري گينگ وار جي شيراز ڪامريڊ گروپ سان آهي.

فيڊرل بي ايريا جي سمن آباد واري علائقي ۾ پوليس جي ڪارروائي دوران هڪ مبينا ڏوهاري کي هٿيارن ۽ ايوان بم سوڌو گرفتار ڪيو ويو………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*