درازا شريف ۾ چور حضرت سچل سرمست جي مزار تي رکيل نذراني وارين پيتين جا تالا ٽوڙي روڪ رقم ۽ سون کڻي ويا

sachal

سنڌ اندر بدامني جي باهه صوفين جي مزارن تائين پهچي وئي، درازا شريف ۾ چور حضرت سچل سرمست جي مزار تي رکيل نذراني وارين پيتين جا تالا ٽوڙي روڪ رقم ۽ سون کڻي ويا آهن.

نامعلوم جوابدار حضرت سچل سرمست جي مزار تي رکيل نذراني وارين پيتين جا تالا ٽوڙي روڪ رقم ۽ سون کڻي ويا آهن.

اوقاف کاتي موجب رات دير سان نامعلوم چور درگاهه ۾ داخل ٿي نذراني جون 2 پيتيون ڀڃي سون ۽ رقم چوري ڪري ويا آهن.

اوقاف کاتي جو چوڻ آهي ته نذراني جي پيتين ۾ ڪيتري رقم ۽ گهڻي ماليت جو سون هو، ان بابت معلوم نه ٿي سگهيو آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن جا پيرا کنيا پيا وڃن، کين جلد گرفتار ڪيو ويندو………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*