اليڪشن ڪميشن، پنجاب ۾ 5 ڊسمبر تي ٿيندڙ مڪاني چونڊن جي ٽئين مرحلي لاءِ ووٽرز ۽ چونڊ عملي جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا

BD-elecation2015

اليڪشن ڪميشن، پنجاب ۾ 5 ڊسمبر تي ٿيندڙ مڪاني چونڊن جي ٽئين مرحلي لاءِ ووٽرز ۽ چونڊ عملي جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا آهن، سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته چونڊ ضابطن جي ڀڃڪڙي برداشت نه ڪئي ويندي.

اليڪشن ڪميشن موجب، راولپنڊي، ملتان، ڊيرا غازي خان، بهاولپور، سيالڪوٽ، نارووال، خوشاب، جهنگ، راجنپور، رحيم يار خان ۽ مظفر ڳڙهه ۾ مڪاني چونڊن لاءِ ٽئين مرحلي لاءِ پولنگ  ڊسمبر تي ٿيندي.

اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته ٽئين مرحلي ۾ رجسٽرڊ ووٽن جو انگ هڪ ڪروڙ 70 لک آهي، جن مان 75 لک 39 هزار کان وڌيڪ عورتون  ۽ 94 لک 47 هزار 933 مرد ووٽرز پنهنجو حق استعمال ڪندا.

اليڪشن ڪميشن جي ترجمان چيو آهي ته پنجاب ۾ 10هزار 517 تڪن تي پولنگ 5 ڊسمبر تي ٿيندي، جنهن لاءِ 40 هزار چونڊ عملو مقرر ڪيو ويندو.

 اليڪشن ڪميشن موجب، ٽئين مرحلي لاءِ 12 ڊسٽرڪٽ ريٽرننگ آفيسر، 259 آر او ، ۽ 518 اسسٽنٽ آر اوز مقرر هوندا، جڏهن ته 12 ئي ضلعن جي 13 سئو 35 يونين ڪونسلرز جي سيٽن تي سڌيءَ ريت چونڊ ٿيندي.

واضح رهي ته سنڌ ۽ پنجاب ۾ مڪاني چونڊن جي ٽئين مرحلي لاءِ پولنگ پنج ڊسمبر تي ٿيندي……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*