سپريم ڪورٽ زين قتل جي ٻڌڻي، ڪير ڪيترو به طاقتور ڇو نه هجي، عدالت فيصلو قانون موجب ڪندي: جسٽس امير هاني مسلم

Supreme Issue

سپريم ڪورٽ، زين قتل ڪيس ۾ جوابدارن جي بريت خلاف پنجاب حڪومت پاران داخل ڪرايل اپيل جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو آهي، جسٽس امير هاني مسلم ريمارڪس ۾ چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي پاڻمرادي نوٽيس بعد اپيل داخل ڪرائي وئي، ڪاپي ملڻ بعد مناسب حڪم جاري ڪيو ويندو.

سـُپريم ڪورٽ ۾ جسٽس امير هاني مسلم جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ لاهور ۾ اڳوڻي مملڪتي وزير صديق ڪانجو جي پٽ  مصطفيٰ ڪانجو جي مبينا فائرنگ ۾ مارجي ويل زين قتل بابت پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي  ڪئي.

ٻڌڻيءَ دوران مقتول زين جي امڙ عدالت ۾ پيشي ٿي بيان رڪارڊ ڪرائيندي چيو ته کيس 2 نياڻيون آهن،  زين سندس اڪيلو ئي پٽ هيو، جنهن کي قتل ڪيو ويو، هوءَ اڪيلي سر ڪيس نٿي وڙهي سگهي.

مقتول جي امڙ چيوته ٽرائل ڪورٽ جي فيصلي کي الله جي رضا سمجهي قبول ڪيو آهي.

جسٽس امير هاني مسلم، مقتول جي امڙ کي آٿت ڏيندي چيو ته ڪيس وڙهڻ توهان جو نه پر سرڪار جو ڪم آهي، ڪو به پوليس وارو توهان کي تنگ نه ڪندو، ڪير ڪيترو به طاقتور ڇو نه هجي، عدالت فيصلو قانون موجب ٻڌائيندي.

جسٽس امير هاني مسلم ريمارڪس ۾ چيو ته دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج جهڙي طرح ڪيس هلايو، ان مان لڳي ٿو ته انصاف ناهي ٿيو پر زيادتي ٿي آهي.

عدالت، مقتول جي امڙ کان سوال ڪيو ته ڇا توهان پنهنجي مرضيءَ سان هن ڪيس ۾ ڌر ٿيا آهيو، جنهن تي مقتول زين جي امڙ جواب ڏنو ته هوءَ پنهنجي مرضيءَ سان ڌر بڻي آهي.

جسٽس امير هاني مسلم جي چيمبر ۾ پراسڪيوٽر جنرل پنجاب عدالت ٻڌايو ته دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدارن کي بري ڪيو هو، ان فيصلي خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي آهي.

جسٽس امير هاني مسلم ريمارڪس ڏنا ته سپريم ڪورٽ جي پاڻمرادي نوٽيس کانپوءِ اپيل داخل ڪئي وئي آهي، اپيل جي ڪاپي فيڪس ذريعي گهرائي وڃي، عدالت ان جو جائزو وٺڻ بعد مناسب حڪم جاري ڪندي.

عدالت، آءِ جي پنجاب کي حڪم ڏنو ته زين جي وارثن ۽ ڪيس جي شاهدن کي سڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي.

واضح رهي ته لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت، شاهدن جي ڦرڻ تي مبينا جوابدار مصطفيٰ ڪانجو کي بري ڪري ڇڏيو هو، جنهن بعد سپريم ڪورٽ پاڻمرادو نوٽيس ورتو هو………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*