جسٽس ريٽائرڊ سردار رضا چيف اليڪشن ڪمشنر جي عهدي جو حلف کڻي ورتو

چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس ريٽائرڊ سردار رضا عهدي جو حلف کڻي ورتو آهي، چيف جسٽس ناصر الملڪ کيس حلف کڻايو، چيف اليڪشن ڪمشنر چيو آهي ته عهدي تي رهندڙ وڏا وڏا نالا بدنام ٿي چڪا آهن پر هو اداري جي مضبوطي لاءِ پنهنجي اختيار موجب ڪم ڪندو.

سپريم ڪورٽ اسلام آباد ۾ نئين چيف اليڪشن ڪمشنر جي حلف برداري واري تقريب ٿي، جنهن ۾ سپريم ڪورٽ جي سينيئر ججز، اٽارني جنرل ۽ وڪيلن شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي چيف جسٽس، جسٽس ناصر الملڪ، چيف اليڪشن ڪمشنر سردار رضا کي عهدي جو حلف کڻايو.

جسٽس سردار رضا کي حڪومت ۽ مخالف ڌر اتفاق راءِ سان پنجن سالن لاءِ چيف اليڪشن ڪمشنر مقرر ڪيو آهي.

حلف کڻڻ کانپوءِ ميڊيا سان مختصر ڳالهه ٻولهه ڪندي چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس ريٽائرڊ سردار رضا چيو ته هن عهدي تي رهندڙ اهم شخصيتون بدنام ٿي چڪيون آهن پر هـُو اداري جي مضبوطي لاءِ ڪم ڪندو رهندو.

پـِي ٽـِي آءِ جي ڌانڌلي بابت شڪايت جي سوال جي جواب ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته کيس وڃڻ ته ڏنو وڃي، سندس اختيار ۾ جيڪو ڪجهه هوندو، هو ضرور ڪندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*