گلگت جَي علائقي چلاس ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ست پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا آهن، جڏهن ته جوابي ڪارروائي ۾ ڪجهه ڏوهارين جي مارجڻ جا اطلاع

Peshawar-Police-0101

گلگت جَي علائقي چلاس ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ست پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا آهن، جڏهن ته جوابي ڪارروائي ۾ ڪجهه ڏوهارين جي مارجڻ جا اطلاع آهن.

چلاس جَي ديامر واري علائقي ۾ ڳجهي اطلاع تي پوليس ڪارروائي ڪئي ته ڏوهارين فائرنگ ڪري ڏني.

ذريعن موجب، ڏوهارين جي فائرنگ ۾ 7 پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا آهن، جڏهن ته ڪجهه جوابدارن جي به مارجڻ جا اطلاع آهن.

پوليس موجب، زخمي اهلڪارن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ڌرين ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ جاري هئڻ سبب علائقو جنگ جو ميدان بڻيل آهي……………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*