حڪومت جون ڄنگهون ڇڪيندڙ پاڪستان جون ڄنگهون ڇڪي رهيا آهن، ملڪ کي بحرانن مان ڪڍي پوءِ سياست ڪنداسين:وزيراعظم نواز شريف

nawaz-sharig-gojra

وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته ملڪ جي ترقي ۾ رنڊڪ وجهڻ جي ڪا به گنجائش ناهي ، سڀني کي ملڪ جي ترقي واري ايجنڊا تي ڪم ڪرڻ گهرجي، حڪومت جون ڄنگهون ڇڪيندڙ ملڪ جي ترقي جون ڄنگهون ڇڪي رهيا آهن، پاڪستان خطي جي ٻين ملڪن کان گهڻو پوئتي رهجي ويو آهي، اقتصادي راهداري منصوبي کي تڪراري نه بڻايو وڃي.

پنجاب جي شهر گوجره ۾ فيصل آباد ملتان موٽري جي ٻي سيڪشن جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم نوازشريف چيو ته حڪومت نه صرف تيزي سان پر شفافيت جي بنياد تي قومي منصوبن تي ڌيان ڏئي رهي آهي ۽ ڪيترن منصوبن ۾ اربين رپين جي بچت ڪئي وئي آهي.

هن چيو ته ايل اين جـِي، جـَي ٽن قومي منصوبن ۾ 15 ارب رپين جي بچت ڪئي وئي آهي، جڏهن ته فيصل آباد ملتان موٽروي جي لاڳت به 21 ارب رپيا هئي پر شفاف ٻولي ۽ انجنيئرز جي مدد سان ان ۾ به 4 ارب رپيا بچائي لاڳت 17 ارب رپيا ڪئي آهي.

وزيراعظم چيو ته ماضي چيو ته حڪومت ڪنهن جي به هجي پر قومي منصوبن جو تحفظ سڀني جي ذميواري آهي، ماضي ۾ موٽروي سميت ٻين منصوبن تي ڌيان نه ڏنو ويو، جنهن سبب پاڪستان خطي جي ٻين ملڪن کان گهڻو پوئتي رهجي ويو آهي.

نواز شريف چيو ته ڪراچي کان حيدرآباد موٽروي تي ڪم جاري آهي، لاهور کان ڪراچي موٽروي جو جلد افتتاح ڪري ٻنهي شهرن جي عوام کي جلد ملايو ويندو، روڊ رستن جي تعمير سان نه صرف فاصلا گهٽ ٿيندا پر دليون به ڳنڍبيون.

وزيراعظم وڌيڪ چيو ته حڪومت توانائي بحران جي خاتمي واري منصوبن تي به ڌيان ڏئي رهي آهي، 2018 ۾ ملڪ مان لوڊشيڊنگ جي آزار جو خاتمو اچي ويندو.

وزيراعظم، اپوزيشن تي تنقيد ڪندي چيو ته هن وقت ذاتي ايجنڊا بدران قومي ايجنڊا کي ترجيح ڏني وڃي،  ملڪ جي ترقيءَ ۾ر نڊڪ وجهڻ جي ڪا به گنجائش ناهي، سڀني کي گڏجي پاڪستان کي ڏکيائن مان ڪڍڻ گهرجي.

نواز شريف چيو ته حڪومت جون ڄنگهون ڇڪيندڙ پاڪستان ۽ عوام جي ترقي جون ڄگهيون ڇڪي رهيا آهن، في الحال قومي ايجنڊا تي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي، ملڪ ترقي جي رستي تي اچي وڃي پوءِ سياست ڪئي ويندي.

وزيراعظم وڌيڪ چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ تي وڏي رقم خرچ ٿي رهي آهي، اتر وزيرستان مان لڏپلاڻ ڪري ويلن کي ٻيهر آباد ڪرڻ تي وڏي رقم خرچ ڪئي وئي، جڏهن ته زلزلي متاثرن جي به فرض سمجهي مدد ڪئي وئي.

ڪراچي صورتحال تي ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته ڪراچي جون روشنيون بحال ڪيون آهن، نه صرف اتان جا شهري خوش آهن پر سيڙپڪار به دبئي وڃڻ بدران هاڻي ڪراچي جو رخ ڪري رهيا آهن…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*