حڪمران عوام جو پئسو ترقياتي رٿائن تي خرچ ڪرڻ بدران پاڻ تڪڙا امير ٿيڻ چاهين ٿا:عمران خان

imran-khan

پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو آهي ته حڪمرانن جي غلط پاليسين سبب قومي اثاثا تباهه ٿي ويا آهن، آصف زرداري جي صدارتي دور ۾ 8 ارب رپيا منافو ڏيندڙ اسٽيل ملز اڄ بند پيل آهي، حڪمران عوام جو پئسو ترقياتي رٿائن تي خرچ ڪرڻ بدران پاڻ تڪڙا امير ٿيڻ چاهين ٿا.

تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته حڪمرانن جي غلط پاليسين سبب قومي اثاثا تباهه ٿي ويا آهن، آصف زرداري جي صدارتي دور ۾ 8 ارب رپيا منافو ڏيندڙ اسٽيل مل اڄ بند پيل آهي، پر حڪمران عوام جو پئسو ترقياتي رٿائن تي خرچ ڪري تڪڙا امير ٿيڻ چاهين ٿا.

ميانوالي ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته حڪمرانن جي غلط پاليسين سبب لکين نوجوان بيروزگاري سبب فاڪه ڪشي واري زندگي گهارڻ تي مجبور آهن.

هن چيو ته حڪومت عوام جو پئسو ميٽرو بس منصوبي تي خرچ ڪري ڇڏيو، سوين ارب رپيا قومي خزاني ۾ موجود هئڻ باوجود غربت ۽ بيروزگاري ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيڻ افسوسناڪ آهي.

عمران خان چيو ته حڪومت هارين جي مدد ڪرڻ بدران گهٽ اجورو ڏئي سندن معاشي قتل ڪري رهي آهي، ڊيزل تي جي ايس ٽي لاڳو ڪرڻ هارين سان ظلم آهي.

هن چيو ته حڪمرانن جي نااهلي سبب اسٽيل مل بند ٿي وئي، هزارين ماڻهو بيروزگار آهن، جڏهن ته اسٽيل مل کي وڪرو ڪرڻ جون سازشون به ٿي رهيون آهن.

پي ٽي آءِ سربراهه چيو ته سنڌ ۽ پنجاب ۾ پوليس غير جانبدار ناهي، قانون جا سرعام بکيا اڊيڙيا پيا وڃن، جنهن سبب بي اعتمادي ۾ اضافو ٿي رهيو آهي.

عمران خان وڌيڪ چيو ته حڪمرانن جو پئسو پرڏيهه ۾ پيل آهي، ملڪ ۾ غربت وڌي رهي آهي ۽ حڪمران ويتر امير پيا ٿين…………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*