روهڙي ڀرسان قومي شاهراهه تي ٽرالر ۽ سوزڪي وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت 12 زخمي

روهڙي  ڀرسان قومي شاهراهه تي ٽرالر ۽ سوزوڪي وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

قومي شاهراهه ڇوهارا چوڪ وٽ تي رفتار ۽ سوزوڪي ۾ٽڪر ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت 12 ڄڻا زخمي ٿيا.

پوليس اطلاع تي واقعي واري هنڌ پهچي زخمين کي روهڙي جي تعلقا اسپتال پهچايو، جتي کين طبي امداد ڏني پئي وڃي.

اسپتال انتظاميه موجب حادثي جي زخمين کي معمولي ڌڪ لڳا آهن، جن کي طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*