چناب رينجرز، واهگه بارڊر تي پاڪ-ڀارت سرحدي گيٽ سان گاڏي ٽڪرائڻ واري معاملي جي جاچ ڪرائڻ جو مطالبو

waga

پاڪستان ۽ ڀارت جي سرحدي گيٽ واهگا بارڊر تي نشي ۾ ڌت ڀارتي شهري تيز رفتار گاڏي گيٽ سان ٽڪرائي ڇڏي آهي، چناب رينجر واقعي تي احتجاج ڪندي ڀارت سڪيورٽي فورسز کان جاچ جو مطالبو ڪيو آهي.چناب رينجرز، واهگه بارڊر تي پاڪ-ڀارت سرحدي گيٽ سان گاڏي ٽڪرائڻ واري معاملي جي جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، ٻڌايو وڃي ته گاڏي ٽڪرائيندڙ ڀارتي شهري جا ڪهڙا مقصد هئا: چناب رينجرز جو بي ايس ايف کي خط، نشي ۾ ڌت ڀارتي شهري صبح سوير جيب گيٽ سان ٽڪرائي هئي

صبح سوير نشي ۾ ڌت ڀارتي شهري پاڪ-ڀارت سرحدي گيٽ واهگا بارڊر تي جيپ گيٽ سان ٽڪرائي ڇڏي، جنهن سبب دروازي کي نقصان پهتو، جڏهن ته دوستي بس سروس پڻ ڪجهه وقت لاءِ ملتوي رهي.

پي ايس ايف، نشي ۾ ڌت ڊرائيور کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي، جڏهن ته چناب رينجرز پاران قبضي ۾ورتل گاڏي ڀارتي سيڪيورٽي فورسز جي درخواست بعد ڀارت حوالي ڪئي آهي.

چناب رينجرز، واقعي تي احتجاج رڪارڊ ڪرائيندي ڀارتي سڪيورٽي فورسز ڏانهن خط لکيو آهي، جنهن ۾مطالبو ڪيو ويو آهي ته ٻڌايو وڃي ته گاڏي ٽڪرائيندڙ ڀارتي شهري جا ڪهڙا مقصد هئا.

ذريعن موجب، چناب رينجرز پاڻمرادو به ان معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*