بلوچستان جَي دشت واري علائقي مان ٻن ليويز اهلڪارن جا لاش هٿ

baloch-map

بلوچستان جَي دشت واري علائقي مان ٻن ليويز اهلڪارن جا لاش هٿ آيا، تربت ۾ ايف سي ڪارروائي ڪري پابندي مڙهيل تنظيم سان واسطو رکندڙ ٻن دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

سڪيورٽي ذريعن موجب، بلوچستان جي دشت واري علائقي ۾ ٻن ليويز اهلڪارن جا لاش ڏسي مقامي ماڻهن سڪيورٽي ادارن کي اطلاع ڏنو.

سڪيورٽي فورسز علائقي کي ڪڙو چاڙهي ٻنهي اهلڪارن جا لاش تحويل ۾ وٺڻ کانپوءِ هيڊ ڪوارٽر منتقل ڪيا.

ذريعن جو چوڻ آهي ته دهشتگردن ٻنهي اهلڪارن کي ڪجهه ڏينهن اڳ اغوا ڪيو هو، جن کي قتل ڪرڻ کانپوءِ لاش ڦٽا ڪيا ويا آهن.

ٻئي پاسي تربت واري علائقي ۾ ايف سي سرچ آپريشن ڪيو، جنهن دوران پابندي مڙهيل تنظيم سان واسطو رکندڙ ٻن دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

ايف سي ترجمان جو چوڻ آهي ته گرفتار دهشتگردن جي قبضي مان 10 راڪيٽ لانچر، دستي بم ۽ ٻيا ڳرا هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*