اليڪشن ٽربيونل خيرپور جي اين اي 215 تي پ پ ايم اين اي نواب وساڻ جي ڪاميابي کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو

ڪراچي جي اليڪشن ٽربيونل خيرپور جي اين اي 215 تي پ پ ايم اين اي نواب وساڻ جي ڪاميابي کي ڪالعدم قرار ڏيندي، نواز ليگ اميدوار سيد غوث علي شاهه کي ڪامياب قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

ڪراچي جي اليڪشن ٽربيونل سيد غوث علي شاهه جي درخواست تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي اليڪشن ڪميشن کي سيد غوث علي جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

سيد غوث علي درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو هو ته 2013 جي عام چونڊن دوران سندس تڪ تي وڏي پئماني تي ڌانڌلي ڪئي وئي ۽ پولنگ ايجنٽن کي يرغمال بڻايو ويو .

درخواست ۾ اهو به موقف اختيار ڪيو ويو هو چونڊن دوران مخالفن فائرنگ ڪري سندس هڪ ووٽر کي قتل ڪري ڇڏيو هو.

اليڪشن ٽربيونل غوث علي شاهه جي درخواست تي فيصلو ٻڌائيندي  نواب وساڻ جي ڪاميابي کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

غوث علي شاهه، نواب وساڻ ، سيد قائم علي شاهه ۽ منظور وساڻ جي ڪاميابي خلاف 3 درخواستون داخل ڪرايون هيون، جن مان ٻن درخواستن تي فيصلو اچي ويو آهي، جڏهن ته سيد قائم علي شاهه جي ڪاميابي خلاف درخواست تي فيصلو محفوظ ٿيل آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*