ميهڙ تعلقي ۾مختلف پولنگ اسٽيشنز تبديل ڪرڻ خلاف عوامي اتحاد جي سڏ تي آر او آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو

mehar-AIP

ميهڙ تعلقي ۾مختلف پولنگ اسٽيشنز تبديل ڪرڻ  خلاف عوامي اتحاد جي سڏ تي آر او آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

عوامي اتحاد جي اميدوارن پاران ثناءُ الله ڏيرو، برڪت جتوئي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ آر او آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

اڳواڻن چيو ته ڳوٺ بمڀا ڏيرا ۽ قائم جتوئي جي پولنگس اسٽشنز تبديل ڪيون ويون آهن ۽ هڪ پولنگ  کي ختم ڪيو ويو آهي.

هنن چيو ته حڪومتي ڌر جي اميدوارن کي فائدو رسائڻ لاءِ پولنگ اسٽيشنز تبديل ڪري ڌانڌلين جو منصوبو جوڙيو ويو آهي، جنهن کي عوام قبول نه ڪندو.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته پولنگ اسٽيشنز ساڳي پوزيشن ۾ بحال ڪري هڪ ڌريي عملي کي هٽايو وڃي…………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*