بالي ووڊ جو ويٽرن اداڪار سعيد جعفري 86 ورهين جي ڄمار ۾ لنڊن ۾ لاڏاڻو ڪري ويو

saeed-jafri

…بالي ووڊ جو ويٽرن اداڪار سعيد جعفري 86  ورهين جي ڄمار ۾ لنڊن ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، جاويد جعفري سئو کان وڌيڪ انگريزي ۽ هندي فلمن ۾ ڪم ڪري ڪيترائي ايوارڊ ماڻيا….

سعيد جعفري 8 جنوري 1929ع تي پنجاب جي علائق مليرڪوٽلا ۾ جنم ورتو، فني ڪيريئر جي شروعات اسڪول کان ئي ڪئي ۽ بعد ۾ يونٽي ٿيٽر جي نالي سان ٿيٽر ڪمپني قائم ڪئي، جنهن پاران شيڪسپيئر، ٽيننسي وليمز، ڪرسٽوفر فراءِ، وِلڊي ۽ ٻين انگلش ليکن جا ڊراما پيش ڪيا ويندا هئا.

50 واري ڏهاڪي ۾ سعيد جعفري آل انڊيا ريڊيو تي ڊائريڪٽر به رهيو، سعيد جعفري ڪيترن ئي انگلش فلمن ۾ ڪم ڪيو، جن ۾ “دي مين هو ووڊ بي ڪنگ”، اي پيسيج ٽو انڊيا، دي فار پويلين ۽ ٻيون شامل آهن، جڏهن ته سندس مشهور فلمن ۾ شطرنج ڪي کلاڙي، چشمِ بد دور، معصوم، ڪيسي سي ڪيا ڪهنا، منڊي، مشعل، رام تيري گنگا ميلي هو گئي، گانڌي، دي جيول ان دي ڪرائون، تندوري نائٽس، لٽل نيپولين ۽ ٻيون فلمون شامل آهن.

سعيد جعفري پهريون ڀارتي هو جنهن پنهنجي ٿيٽر ڪمپني سان گڏ سڄي امريڪا ۾ شيڪپيئر جا ڊراما پيش ڪيا.

بالي ووڊ جي ويٽرن سعيد جعفري ادڪاره مهرنيما عرف ماڌر جعفري سان شادي ڪئي. جنهن مان کيس ٽي ڌيئرون ميرا، ضياءَ ۽ سڪينا جعفري آهن، سڪينا جعفري پڻ اداڪاري جي شعبي سان واڳيل آهي.

سعيد جعفري پهريون  هو پهريون ايشيائي هو جنهن کي برطانيه پاران آرڊر آف دي برٽشن ايمپائر جي اعزاز سان نوازيو ويو، ان کانسواءِ به هن فلم فيئر سميت ڪيترائي ايوارڊ ماڻيا.

سعيد جعفري 86 ورهين جي ڄمار ۾ لنڊن ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، سندس ڏهٽي شاهين اگر وال سوشل ميڊيا تي بريڪ ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*