لاڙڪاڻي ۾ ريلوي انتظاميا حد دخلين خلاف ڪارروائي ڪندي گهر ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا

larkano-oprtion

لاڙڪاڻي ۾ ريلوي انتظاميا حد دخلين خلاف ڪارروائي ڪندي گهر ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا، جنهن خلاف رهواسين احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ريلوي انتظاميا ۽ پوليس لوئرڪالوني ۾ حد دخلين  خلاف آپريشن ڪندي ڪجهه گهر ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا، جنهن دوران رهواسين ۽ پوليس وچ ۾ چڪريون ٿي پيون ۽ رهواسين پاران پوليس تي پٿراءُ ڪيو ويو.

ڪارروائي خلاف رهواسين احتجاجي مظاهرو ڪري ريلوي انتظاميا خلاف نعريبازي ڪئي.

احتجاج ڪندڙن چيو ته هو لوئر ڪالوني ۾ڪيترن ئي سالن کان آباد آهن، پر ريلوي انتظاميا اچانگ آپريشن شروع ڪري کين بي گهر ڪري ڇڏيو آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته گهر مسمار ڪرڻ وارو آپريشن فوري طور بند ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

ريلوي انتظاميا جو چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تحت ريلوي پٽڙي کان 30 فوٽن تائين ڪابه اڏاوت  هوندي ته ڪارروائي ڪئي ويندي………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*