عمر اڪمل معاملي سان ٽيم جي ڪارڪردگي تي ڪو به اثر نه پيو آه :يوقاريونس

Waqar-younas

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ موجوده ٽيم جي هيڊ ڪوچ وقاريونس چيو آهي ته عمر اڪمل معاملي سان ٽيم جي ڪارڪردگي تي ڪو به اثر نه پيو آهي.

شارجه ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ چيو ته انگلينڊ خلاف سيريز جي ٽين ميچ ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ سمورن رانديگرن ڀرپور تياري ڪئي آهي.

هن چيو ته ٻين ميچ ۾ بيٽنگ جي ناڪامي سبب ٽيم کي شڪست نصيب ٿي،جنهن سبب ٽريننگ دوران بيٽنگ جي بهتري تي وڌيڪ ڪم ڪيو آهي.

هن چيو قومي ٽيم جي لاءِ اوپنرز جي تلاش آهي ،جيڪو تيز رنز اسڪور ڪرڻ سان گڏ وڪيٽس بچائي سگهن.

سندس وڌيڪ چوڻ هوته احمد شهزاد 16رانديگرن ۾ شامل آهي،جنهن کي جلد موقعو فراهم ڪيو ويندو

هن چيو ته عمر اڪمل معاملي سان ٽيم جي ڪارڪردگي تي ڪوبه اثر نه پيو آهي، کيس ان معاملي جي ڄاڻ ميڊيا رپورٽس مان پئي آهي.

يونس خان جي حوالي سان پڇيل هڪ سوال جي جواب تي وقاريونس چيو ته سندس ون ڊي ڪرڪيٽ تان رٽائرٿيڻ واري خبر تي کيس حيرت ٿي.

واضح رهي ته چئن ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز جي ٽين ۽ اهم ميچ سڀاڻي کيڏي ويندي،سيريز ۾ ٻنهي ٽيمن هڪ-هڪ ميچز سان برابر آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*