دهشتگردي ٽوڙ عدالت ٻن ڄڻن کي قتل ڪرڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي

خيرپور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت 6 سال اڳ ڳوٺ تي حملو ۽ ٻن ڄڻن کي قتل ڪرڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٻن جوابدارن کي 4-4 ڀيرا عمر قيد ۽ -5050 هزار رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي.

دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج سيد ڪوثر بخاري جي عدالت 2009 ۾ ٻن ڳوٺاڻن کي قتل ڪرڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدارن خان ناريجو ۽ معشوق ناريجو کي 4-4 ڀيرا عمر قيد ۽  50-50 هزار رپيا  ڏنڊ جي سزا ٻڌائي.

عدالت 2009 ۾ ڳوٺ تي حملو ڪري ڳوٺاڻن ضمير کهڙو ۽ جاني جوڌ کي قتل ڪرڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٻن جوابدارن کي سزا ٻڌائي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*