عمران خان اليڪشن ٽربيونل آڏو ثبوت پيش ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويو آهي پرويز رشيد

 سـُڌ سماءَ واري وفاقي وزير پرويز رشيد چيو آهي ته عمران خان اڄ به اليڪشن ٽربيونل آڏو ثبوت پيش ڪرڻ ۾ ناڪام ويو آهي، وڪيلن پاران آڏو پڇا ڪرڻ دوران عمران خان جو ڌانڌلين بابت ڪوڙ پڪڙجي پيو.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير پرويز رشيد چيو ته عدالتون هميشه ثبوتن جي بنيادن تي فيصلا ڏينديون آهن پر عمران خان اڄ به ٽربيونل آڏو پيش ڪرڻ ۾ ناڪام ويو.

هن چيو ته ٽربيونل پاران پڇاڻو ڪرڻ تي خان صاحب فرمايو ته هو اسپتال ۾ داخل هو ۽ کيس ثبوتن بابت ڪا ڄاڻ ناهي.

پرويز رشيد چيو ته ٽربيونل ۾ وڪيلن پاران آڏي پڇا دوران عمران خان جو ڪوڙ پڪڙجي پيو، ميڊيا سان ڳالهائڻ دوران صحافين جي ڌانڌلي بابت سوال تي عمران خان تيزي سان هليو ويو.

هڪ سوال جي جواب ۾ پرويز رشيد چيو ته پاڪستان جو هن وقت سڀ کان وڏو مسئلو دهشتگردي آهي، سڪيورٽي فورسز جا جوان پنهنجيون جانيون خطري ۾ وجهي دهشتگردن خلاف آپريشن ڪري رهيا آهن.

پرويز رشيد چيو ته هن وقت ملڪ ۾ ڪنهن جي جان کي به تحفظ حاصل ناهي، ٽي وي اسڪرين تي ڏسڻ  سان پاڪستان  ڪنهن چوڪ جو منظر پيش ڪندو آهي.

وفاقي وزير چيو ته دهشتگردن خلاف آپريشن بنا ڪنهن فرق جي جاري آهي، آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين آپريشن جاري رهندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*