اسلام آباد جي عدالت غازي عبدالرشيد قتل ڪيس ۾ پرويز مشرف جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست رد ڪري ڇڏي

 اسلام آباد جي عدالت، لال مسجد جي نائب خطيب غازي عبدالرشيد قتل ڪيس ۾ اڳوڻي آمر پرويز مشرف جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست رد ڪندي کيس 13 ڊسمبر تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

اسلام آباد جـَي ايڊيشنل سيشن جج واجد علي لال مسجد جي نائب خطيب غازي عبدالرشيد قتل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻيءَ دوران پرويز مشرف جي وڪيل اختر شاهه پاران سندس مئوڪل جي حاضري کان ڇوٽ،  ڪيس ٽرائل ڪورٽ ڏانهن موڪلڻ ۽ عدالت جي اختيارن بابت 3 درخواستون داخل ڪرايون ويون.

مشرف جي وڪيل اختر شاهه  درخواستن ۾ موقف اختيار ڪيو ته هـِن عدالت کي پرويز مشرف کي طلب ڪرڻ جو اختيار ناهي، ڪيس ٽرائل ڪورٽ ڏانهن موڪليو وڃي.

اختر شاهه چيو ته پرويز مشرف کي سڪيورٽي مسئلا آهن ۽ اهو هن وقت ڪراچي ۾ موجود آهي، تنهن ڪري پيش نٿو ٿي سگهي، عدالت کي استدعا آهي ته مشرف جي حاضري کان ڇوٽ ڏني وڃي.

عدالت، ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته 23 ڀيرا پرويز مشرف کي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي پر هڪ ڀيرو به پيش ناهي ٿيو.

پراسڪيوشن ٽيم جي وڪيل، مشرف جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست جي مخالفت ڪندي چيو ته مشرف هر ٻڌڻي تي سڪيورٽي يا بيماري جو بهانو بڻائي پيش نٿو ٿئي ۽ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست داخل ڪرائي وڃي ٿي، دراخوست رد ڪري مشرف کي طلب ڪيو وڃي.

عدالت، پرويز مشرف جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست رد ڪندي کيس 13 ڊسمبر تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏيندي بڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*