ٽرين حادثو : ريلوي اهلڪارن سميت فوتين جو انگ وڌي 12 ٿي ويو،60 کان وڌيڪ زخمي

tran

بلوچستان جي علائقي سـِبي ويجهو جعفر ايڪسپريس سان حادثو پيش آيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻن ڊرائيورن ۽ ريلوي پوليس اهلڪارن سميت 12 ڄڻا فوت ۽ 60 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي آهن، واقعي واري هنڌ پاڪ فوج جون امدادي ڪارروايون هلندڙ آهن ۽ 40 سخت زخمين کي هيليڪاپٽر ذريعي ڪوئيٽا منتقل ڪيو ويو آهي.

ڪوئيٽا کان راولپنڊي ويندڙ جعفر ايڪسپريس جي بريڪ فيل ٿين سبب انجڻ ۽ 4 بوگيون سبي ويجهو آب گم واري علائقي ۾ پٽڙي تان لهي ويون، جنهن جي نتيجي ۾  12 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 60 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن.

حادثي جي نتيجي ۾ ڪوئيٽا سان واسطو رکندڙ ٽرين جو ڊرائيور  ايوب ۽  اسسٽنٽ ڊرائيور اقبال وسيم ۽ 2 ريلوي پوليس اهلڪار به فوت ٿي ويا، جڏهن ته فوتين ۾ مسافر به شامل آهن.

ليويز ذريعن جو چوڻ آهي ته حادثي ۾ 60 کان وڌيڪ مسافر زخمي آهن، جن مان ڪيترن جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب وڌيڪ جاني نقصان جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي.

ريلوي اختيارين جو چوڻ آهي ته شروعاتي جاچ موجب حادثو بريڪ فيل ٿيڻ سبب پيش آيو آهي، بريڪ فيل ٿيڻ بعد ٽرين کي لوپ تي چاڙهيو ويو پر  ريل گاڏي حادثي کان نه بچي سگهي.

ريلوي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق بلوچستان جي وڏي وزير عبدالمالڪ بلوچ، آءِ جي ايف سي ۽ چيف سيڪريٽري سان فون تي رابطو ڪري حادثي جا تفصيل معلوم ڪيا.

خواجه سعد رفيق ريلوي اختيارين امدادي ڪارروايون تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته هڪ ڪلاڪ اندر ٽريڪ کي بحال ڪيو ويندو.

ٽرين حادثي واري هنڌ پاڪ جي ڪوئيڪ ريسپانس فوج ۽ آرمي جا 2 ايم آءِ سيونٽين هيليڪاپٽر پهچي ويا آهن.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته 40 سخت زخمين کي هيليڪاپٽر ذريعي ڪوئيٽا اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي….

چوڻ آهي ته شروعاتي جاچ موجب حادثو بريڪ فيل ٿيڻ سبب پيش آيو آهي، واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

ريلوي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق بلوچستان جي وڏي وزير عبدالمالڪ بلوچ، آءِ جي ايف سي ۽ چيف سيڪريٽري سان فون تي رابطو ڪري حادثي جا تفصيل معلوم ڪيا.

خواجه سعد رفيق ريلوي اختيارين  کي هدايت ڪئي آهي ته حادثي واري هنڌ امدادي ڪارروايون تيز ڪيون وڃن.

بلوچستان حڪومت، واقعي کانپوءِ اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي آهي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*