سنڌ ۽ پنجاب ۾ مڪاني چونڊن جي ٻي مرحلي لاءِ بيلٽ پيپر جي ڇپائي مڪمل

BD-elecation-symble

 سنڌ ۽ پنجاب ۾ مڪاني چونڊن جي ٻي مرحلي لاءِ بيلٽ پيپر جي ڇپائي مڪمل ڪئي وئي آهي، اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته بيلٽ پيپر ۽ ٻيو سامان فوج جي نگراني ۾ ڊي آر اوز حوالي  ڪيو ويو آهي.

سنڌ جي 14 ضلعن ۽ پنجاب جي 12 ضلعن ۾ مڪاني چونڊن لاءِ ٻي مرحلي جي پولنگ 19 نومبر تي ٿيندي.

اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته ٻنهي صوبن لاءِ 4 ڪروڙ چاليهه لک 73 هزار 8 سئو 34 بيلٽ پيپر جي ڇپائي مڪمل ڪئي وئي آهي.

اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته بيلٽ پيپر جي ڇپائي فوج جي نگراني ۾ ڪئي وئي آهي، سامان پهچائڻ وارو عمل به فوج جي نگراني ۾ مڪمل ڪيو ويو.

اليڪشن ڪميشن، سمورن اميدوارن کي اڄ رات 12 هين وڳي چونڊ مهم پڻ ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*