واپڊا جي امڪاني نجڪاري خلاف هائيڊرو اليڪٽرڪ ورڪر يونين جي سڏ تي اڄ ٻئي ڏينهن به ملازمن پاران سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آفيسن جي تالا بندي

wabda

واپڊا جي امڪاني نجڪاري خلاف هائيڊرو اليڪٽرڪ ورڪر يونين جي سڏ تي اڄ ٻئي ڏينهن به ملازمن پاران سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آفيسن جي تالا بندي ڪري احتجاجي مظاهرا ڪيا پيا وڃن.

عمرڪوٽ ۾ واپڊا جي امڪاني نجڪاري خلاف ملازمن آفيسن جي تالا بندي ڪري افضل آرائين ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو.

دادو ۾ واپدا ملازمن آفيسن جي تالا بندي ڪري وريل ميراڻي ۽ نظير پهنور جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

سانگهڙ ۾ ملازمن آفيسن جي تالا بندي ڪري ريلي ڪڍي پريس ڪلب آَڏو ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي.

شڪارپور ۾ واپدا ملازمن آفيسن جي تالا بندي ڪري  سڪندر چانگ، طارق پٺاڻ ۽ ٻين  جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو.

پنو عاقل: سيپڪو پاران محمد نواز انڊر جي اڳواني  ۾  *

پني عاقل ۾ ملازمن آفيسن جي تالا بندي ڪري ريلي ڪڍي  پريس ڪلب آڏو  احتجاجي مظاهرو ڪيو.

گمبٽ ۾ امڪاني نجڪاري خلاف ملازمن پاران غلام محمد ڪلهوڙو ۽ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو.

ڪنڊيارو ۾ ملازمن ڪم ڇڏ هڙتال ڪري ايوب اڄڻ، زاهد مهير ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ڏوڪري ۾ واپڊا جي امڪاني نجڪاري خلاف آفيسون بند ڪري غلام سرور جوڻيجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو.

ميهڙ ۾ واپڊا ملازمن آفيسن تالا بندي ڪري سعيد ڀٽو، زاهد ڪلهوڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ٽنڊي آدم ۾ واپدا ملازمن قادر ڪلوئي  ۽ عبدالحق ساند جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

  خيرپور ناٿن شاهه ملازمن آفيسن جي تالا بندي ڪري محمد قاسم چانڊيو، منير جوکيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

امڪاني نجڪاري خلاف راڌڻ ۾ ملازمن محمد عيسيٰ سومرو، حاڪم گلال ۽ ٻين جي اڳواڻي احتجاجي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

شهدادڪوٽ، ٺل، پڊعيدن، ٺارو شاهه ۽ ٻين شهرن ۾ واپڊا ملازمن آفيسن جي تالا بندي ڪري احتجاجي مظاهرا ڪيا آهن.

اڳواڻن مطالبو ڪيو ته واپدا کي خانڳائڻ وارو فيصلو واپس وٺي ملازمن جي بيچيني ختم ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*