نوشهرو فيروز،کپرو،پٿورو۽ تلهار جي سرڪاري اسپتالن تي اينٽي ڪرپشن ٽيم جا ڇاپا

anty

نوشهروفيروز ۾ سکر جي نيب ٽيم ٽي ايم او آفيس تي ڇاپي دوران گذريل 6 سالن جو ريڪارڊ ضبط ڪيو ويو،کپرو، پٿورو ۽ تلهار ي سرڪاري اسپتالن تي اينٽي ڪرپشن ٽيمن ڇاپا هڻي ريڪارڊ تحويل ۾ ورتو آهي.

نيب سکر جي ٽيم نوشهروفيروز جي ٽي ايم او آفيس تي ڇاپو هڻي ترقياتي ڪمن ۽ ملازمن جي حاضري وارو گذريل 6 سالن جو ريڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي.

عملدارن جو چوڻ آهي ته ٽي ايم اوآفيس کي ترقياتي ڪمن لاءِ هر مهيني ڏيڍ ڪروڙ رپيا جاري ٿيندا آهن، جنهن ۾ ٿيل خرد برد بابت جاچ ڪئي پئي وڃي.

اينٽي ڪرپشن عمرڪوٽ جي ٽيم مئجسٽريٽ جي نگراني ۾ پٿوري جي تعلقي اسپتال تي ڇاپو هڻي 5 سالن جو رڪارڊ تحويل ۾ ورتو آهي.

سرڪل آفيسر خدا بخش لغاري جو چوڻ آهي ته استپال ۾ دائن ۽مريضن جي کاڌ خوراڪ لاءِ ملندڙ رقم ۾ ڪرپشن ٿي آهي، جنهن جي جاچ جاري آهي.

کپري جي تعلقي اسپتال ۾ سانگهڙ جي سرڪل آفيسر رئيس خان زادي جي اڳواڻي ۾ ڪارروائي ڪئي وئي آهي.

ڇاپي دوران جاچ ٽيم ٻن سالن جو رڪارڊ تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڏني آهي .

سرڪل آفيسر موجب دوائن جي خريداري ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي وئي آهي، جنهن جي جا ڪري رهيا آهيون.

هوڏانهن تلهار هيلٿ سينٽر تي دپٽي ڊائريڪٽر علي اڪبر حبيباڻي جي اڳواڻي ۾ ڇاپو هڻي جاچ لاءِ ٻن سالن جو رڪارڊ تحويل ۾ ورتو آهي…………….

ڪارروائي دوران اينٽي ڪرپشن جي ٽيم جو چوڻ هو ته مدي خارج دوائن کي تحويل ۾ ورتو آهي، جنهن جي جاچ ڪئي ويندي …

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*