لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت، نشي جي حالت ۾ جهاز هلائيندڙ خانگي ايئرلائين جي پائيلٽ کي 7 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو

Shaheen-Air-Line-Accident-Lahore

لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت، نشي جي حالت ۾ جهاز هلائيندڙ خانگي ايئرلائين جي پائيلٽ کي 7 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

پنجاب پوليس پاران ڪراچي جي ڊفينس واري علائقي مان گرفتار ڪيل شاهين ايئرلائين جي اڏام جي پائليٽ عصمت محمد کي لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو.

ان موقعي تي پوليس عدالت کي استدعا ڪئي ته پائليٽ کان نشي جي حالت ۾ جهاز هلائڻ بابت جاچ ڪرڻي آهي، 14 ڏينهن جو رمانڊ ڏنو وڃي.

عدالت، پوليس جي 14 ڏينهن جي جسماني رمانڊ واري استدعا رد ڪندي پائليٽ عصمت محمود کي 7 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

پائليٽ عصمت محمود تي ڪجهه ڏينهن اڳ لاهور جي علامه اقبال ايئرپورٽ تي وڏي حادثي کان بچي شاهين ايئرلائين جي اڏام نشي جي حالت ۾ اڏائڻ جو الزام آهي.

عصمت محمود جو چوڻ آهي ته نشي جي حالت ۾ جهاز اڏائڻ جا الزام غلط آهن، کيس مسافرن کي بچائڻ جي سزا ڏني پئي وڃي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*