سنڌ هاءِ ڪورٽ 7ضلعن اندر 11 ڪائونسلز جي قيام بابت 22 آڪٽوبر تي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو

Sindh High Court Karachi Sindh

 سنڌ هاءِ ڪورٽ 7ضلعن اندر 11 ڪائونسلز جي قيام بابت  22 آڪٽوبر تي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو آهي، عدالت ٻهراڙي وارن علائقن کي شهري علائقا قرار ڏيڻ خلاف 18 سيپٽمبر واري فيصلي تي 24 ڪلاڪن اندر عمل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي مڪاني چونڊون ملتوي نه ٿيڻ گهرجن.

سنڌ هاءِڪورٽ نواز ليگ، ايم ڪيو ايم، ايس ٽي پي ۽ ٻين ڌرين پاران 7 ضلعن ۾ تڪبندين خلاف داخل ڪيل درخواستون  اڪلائي ڇڏيون آهن.

سنڌ هاءِ ڪورٽ قاسم آباد کي ميونسپل ڪميٽي ۽ 7ضلعن ۾ 11 ڪائونسلز جي قيام بابت  22 آڪٽوبر تي  جاري ڪيل نوٽيفڪيشن کي ڪالعدم   قرار ڏنو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ پنهنجي حڪم ۾ چيو آهي ته ٻهراڙي وارن علائقن کي شهري علائقا قرار ڏيڻ خلاف 18 سيپٽمبر تي ڪيل فيصلي تي 24 ڪلاڪن اندر عمل ڪيو وڃي.

عدالت پنهنجي فيصلي ۾ اهو به چيو آهي ٻهراڙي وارن علائقن کي شهري علائقن کان ڌار ڪيو وڃي ۽  مڪاني چونڊون ملتوي نه ٿيڻ گهرجن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*