منهنجن ڪجهه چاچن ارباب جهڙن سان ملي ۽ نون ليگ جي ڪلهن تي چڙهي مون سان غداري ڪئي:بلاول ڀٽو

bilawal-17-11

پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته منهنجن ڪجهه چاچن ارباب جهڙن سان ملي ۽ نون ليگ جي ڪلهن تي چڙهي مون سان غداري ڪئي، عمران خان مونکي سياست سيکارڻ جي ڳالهه ڪري ٿو، ڇا؟ ڪنهن مڇي کي به ترڻ سيکاريو آهي.

بدين ۾ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته هن ساڍن 13 ورهين جي ڄمار ۾ پيءُ کي جيل ۾ ۽ 19 سالن جي ڄمار ۾ امڙ کي قربان ٿيندي ڏٺو، کيس سياست نه سيکاري وڃي.

بلاول ڀٽو جو چوڻ هو ته شهيد راڻي کي ڀيڻ سڏيندڙ سندس پٽ جي دشمنن سان ملي پيپلزپارٽي کي ختم ڪرڻ جون سازشون ڪري رهيا آهن، پر هو شهيد راڻي جو پٽ آهي، ڪڏهن به هار نه مڃيندو.

بلاول ڀٽو “مرزا چلي گا، نه ارباب چلي گا، نه پير چلي گا نه مير چلي گا، نه ڪارا ڪانءُ چلي گا“ جا نعرا هڻندي چيو ته بدين جي عوام ۽ لاڙ جا ماڻهو شهيد راڻي سان محبت ڪن ٿا ۽ جهڙو هنن شهيد راڻي جو استقبال ڪيو هو اهڙو ئي سندس استقبال ڪيو ويو آهي.

بلاول ڀٽو جو چوڻ هو ته چاچا عمران مونکي سياست سيکارڻ جي ڳالهه ڪئي، ڇا؟ ڪنهن مڇيءَ کي به ترڻ سيکاريو آهي؟

هن چيو ته عمران خان پيرن جيان زيارت ڪرائڻ لاءِ سنڌ ۾ ايندو آهي، تبديلي نعرن سان نه پر قربانين  سان ايندي آهي.

بلاول ڀٽو چيو ته پيپلزپارٽي هميشا  پورهيتن جي حقن لاءِ آواز اٿاريو آهي، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي مستحقن جي مدد ڪئي پئي وڃي.

بلاول ڀٽو جو چوڻ هو ته ڏکئي وقت ۾ عوام شهيد بينظير ڀٽو جو ساٿ ڏنو ۽ پيپلز پارٽي به ڪڏهن به عوام کي اڪيلو نه ڇڏيندي…………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*