وزيراعظم نواز شريف ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي تاشقند پهچڻ بعد ازبڪستان جي هم منصب شفقت مرزا ايوف سان ملاقات

pm-meet

وزيراعظم نواز شريف ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي تاشقند پهچڻ بعد ازبڪستان جي هم منصب شفقت مرزا ايوف سان ملاقات ڪئي آهي، جنهن دوران مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

وزيراعظم نواز شريف ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي ازبڪستان جي گادي واري شهر تاشقند پهتو ته ازبڪستان جي وزيراعظم شفقت مرزا ايوف ۽ ٻين سندس آجيان ڪئي.

 ازبڪستان پهچڻ بعد وزيراعظم نواز شريف ازبڪ هم منصب شفقت مرزا ايوب سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

وزيراعظم نواز شريف ازبڪستان جي صدر اسلام ڪريموف سان به ملاقات ڪندو، جنهن دوران خطي جي تبديل ٿيندڙ صورتحال، دهشتگردي خلاف جنگ ۽ سڪيورٽي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.

وزيراعظم هائوس جي ترجمان موجب، دوري دوران توانائي، تجارت، سياحت ۽ ثقافت سميت مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي ويچاريو ويندو.

وزيراعظم جي دوري دوران ٻنهي ملڪن ۾ مختلف معاهدن تي صحيحن جوبه امڪان آهي.

ازبڪستان روانگي کان اڳ وزيراعظم نواز شريف اسلام آباد ۾ فرانس جي سفارتخاني پهچي پاڪستان ۾ مقرر فرانسيسي سفير سان ملاقات  ڪري پئرس ۾ دهشتگرد حملن ۾ قيمتي انساني جانيون ضايع ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو.

ان موقعي تي وزيراعظم نواز شريف چيو ته پاڪستان حڪومت ۽ عوام ڏک جي هن گهڙي ۾ فرانس سان گڏ آهي، دهشتگردي ڪنهن هڪ ملڪ نه پر سڄي دنيا لاءِ مسئلو بڻيل آهي.

وزيراعظم چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پر عزم آهي، عالمي برادري سان گڏجي دهشتگردي جو خاتمو آندو ويندو.

وزيراعظم نواز شريف چيو ته پئرس ۾ دهشتگردي جي جيتري مذمت ڪجي اها گهٽ آهي، پاڪستان پاڻ دهشتگردي کي منهن ڏئي رهيو آهي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*