پيرس دهشتگرد حملي ۾ نائين بمبار جي نشاندهي تي پوليس پاران سينٽ ڊينــِس جي علائقي ۾ آپريشن جاري

prisic

پيرس دهشتگرد حملي ۾ نائين بمبار جي نشاندهي تي پوليس پاران سينٽ ڊينــِس جي علائقي ۾ آپريشن جاري آهي، جنهن دوران هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ڪجهه پوليس اهلڪار زخمي به ٿيا آهن، جڏهن ته هڪ آپگهاتي بمبار عورت پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو آهي.

رپورٽ موجب پوليس حملي ۾ ملوث عبدالحامد عبود جي سينٽ ڊينس موجودگي جي اطلاع تي آپريشن شروع ڪيو، عبدالحامد کي داعش جي سربراهه ابو بڪر البغدادي جو ويجهو ساٿي سمجهيو ويندو آهي، جيڪو يورپ ۾ ڪم ڪندڙ دهشتگردن ۽ داعش قيادت وچ ۾ رابطي جو ڪم ڪري ٿو.

پيرس پوليس سينت ڊينس جي علائقي کي سيل ڪري هيليڪاپٽرن جي مدد سان آپريشن شروع ڪيو، جنهن دوران ڀرپاسي جي گهرن کي خالي ڪرائڻ سميت ٻين علائقي واسين کي پوليس گهرن کان ٻاهر نه نڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي  هئي.

حملي جو نشانو بڻايل اسٽيڊ ڊي فرانس اسٽيڊيم به ان ئي علائقي ۾ آهي.

سينٽ ڊينس جي نائب ميئر اسٽيفن پيو مقامي آبادي کي هدايت ڪئي ته هو گهرن اندر رهن، هي ڪو نئون حملو نه پر پوليس جي ڪارروائي آهي.

ان کان اڳ فرانس ۾ سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ هو ته ويڊيو فٽيج ۾ حملن ۾ امڪاني طور نائين حملي آور جي نشاندهي ٿي آهي ۽ حملي آورن جي استعمال هيٺ هڪ گاڏي ۾ ٽئين شخص کي سوار ٿيل ڏسي سگهجي ٿو، پر اهو واضح نه آهي ته نائون حملي آور بيلجيم ۾ گرفتار ٿيل ٻن شڪي حملي آورن ۾ شامل آهي يا فرار ٿي ويو آهي.

حملي ۾ ملوث اٺن شڪي جوابدرن مان صالح عبدالسلام جي ڳولا لاءِ به وڏو آپريشن جاري آهي، جڏهن ته پيرس حملي کانپوءِ فرانس ۾ 128 ڇاپا هڻي 28 ماڻهن کي گرفتار ڪرڻ سان گڏ ڪيترائي هٿيار به هٿ ڪيا ويا  آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*