پيرس ۾ دهشتگرد حملن کانپوءِ يورپ توڙي امريڪا ۾ دهشت پکڙيل

perise-attacks

پيرس ۾ دهشتگرد حملن کانپوءِ  يورپ توڙي امريڪا ۾ دهشت پکڙيل آهي، امريڪا کان فرانس ايندڙ ٻن اڏامن ۾ بمن جي اطلاعن بعد انهن کي ويجهن ايئرپورٽس تي محفوظ لينڊنگ ڪرائي وئي

امريڪي عملدارن موجب ايئر فرانس جي فلائٽ 65 لاس اينجلس کان پيرس لاءِ رواني ٿي ته جهاز ۾ ڪال ڪري بم جي موجود هجڻ جي ڌمڪي ڏني وئي، جنهن بعد اڏام کي سالٽ  ليڪ سٽي ڏانهن موڙيو ويو.

پهرين اڏام جي لينڊنگ کان ڪجهه دير بعد وري واشنگٽن جي ڊُليس انٽرنيشنل ايئرپورٽ کان پيرس جي چارلس ڊي گولي ايئرپورٽ ڏانهن رواني ٿيل ايئر فرانس جي فلائٽ 55 ۾ به بم جو اطلاع ڏنو ويو، جنهن کي وري هاليفيڪس نووا اسڪوٽيا ۾ لينڊنگ ڪرائي وئي.

جهازن جي محفوظ لينڊنگ بعد انهن جي تلاشي وٺي ٻنهي اڏامن کي ڪليئر قرار ڏنو ويو، پر ڪنهن به گرفتاري جا اطلاع نه مليا آهن،

 جڏهن ته ايف بي آءِ سميت مختلف امريڪي اداره ان ڳالهه جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي ته ٻنهي جهازن ۾ بم جو اطلاع ڏيندڙ ساڳيو شخص هو يا ٻه مختلف شخص هئا.

تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته بم جي اطلاع کانپوءِ دهشت سبب جهازن جو رخ موڙڻ اصل دهشت آهي، جيڪو دهشتگردن جو اصل مقصد آهي ۽ اسان جي ردعمل سان هو پنهنجو مقصد ماڻي رهيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*