پيرس حملن کانپوءِ امريڪا جي وڌيڪ 11 رياستن شام مان ايندڙ پناهگيرن جي داخلا تي پابندي مڙهي ڇڏي

parise

پيرس حملن کانپوءِ امريڪا جي وڌيڪ 11 رياستن شام مان ايندڙ پناهگيرن جي داخلا تي پابندي مڙهي ڇڏي آهي، پناهگيرن تي پابندي لڳائيندڙ امريڪي رياستن جو انگ 34 ٿي ويو آهي، صدر براڪ اوبا مختلف رياستن پاران شامي پناهگيرن لاءِ دروازه بند ڪرڻ کي امريڪي روايتن جي ابتڙ ۽ توهين قرار ڏنو آهي.

امريڪا جي ايوان نمائندگان ۾ ريپبليڪن اڳواڻن پيرس ۾ دهشتگرد حملي ۾ 129 ڄڻن جي مارجڻ کانپوءِ صدر اوباما جي 10 هزار کان وڌيڪ شامي پناهگيرن کي ملڪ ۾ پناهه ڏيڻ واري ڪوشش کي روڪڻ جي ڌمڪي ڏني آهي، ڊيموڪريٽ پڻ پناهگيرن جي سخت نگراني جو مطالبو ڪري رهيا آهن.

پيرس حملا امريڪا ۾ نومبر 2016 ۾ رٿيل صدارتي چونڊن جي مهم جو به اهم موضوع بڻجي ويا آهن، جنهنڪري امريڪا جا چونڊيل نمائندا شام مان ايندڙ سمورن پناهگيرن جي داخلا روڪڻ يا وري رڳو عيسائي شامي شهرين کي اچڻ جي اجازت ڏيڻ جا مطالبا ڪري رهيا آهن.

فلپائن جي شهر منيلا  ۾ ايشيا پيسيفڪ اڪانامڪ ڪو آپريشن جي سربراهي ڪانفرنس جي سائيڊ لائن تي فلپائن جي صدر سان سان ملاقات بعد گڏيل نيوز ڪانفرنس دوران امريڪي صدر براڪ اوباما چيو آهي ته سياستدان پناهگيرن جي مسئلي کي سياسي پوائنٽ وڌائڻ لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن.

صدر اوباما ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اسان دهشتگرد حملن کانپوءِ سٺو ردعمل ظاهر ڪرڻ بدران خوف ۽ ڏهڪاءُ ۾ هليا وڃون ٿا ۽ هيسٽريا ۽ خطرن جي ڊپ کان سٺا فيصلا نه ٿا ڪيون.

صدر اوباما جو چوڻ هو ته پناهگيرن جي ڏيڍ سال کان ٻه سالن تيائين اسڪريننگ ڪرڻ بعد کين ملڪ ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏني وڃي ٿي، جيڪو يورپ کان وڌيڪ سخت اسڪريننگ عمل آهي.

اوباما جو چوڻ هو ته صدارتي چونڊن جي اميدوارن پاران اهو چوڻ ته اسان کي ٽن سالن جي يتيم کي ملڪ ۾ اچڻ نه ڏنو وڃي ته اهو سياسي نمبر وڌائڻ واري ڳالهه آهي، جڏهن ڪجهه ماڻهو اهو چون ٿا ته رڳو عيسائين کي اچڻ ڏنو وڄي ٿو اها توهين ۽ امريڪي روايتن خلاف ڳالهه آهي.

ٻئي پاسي مختلف سماجي اڳواڻن شامي پناهگيرن کي امريڪا ۾ داخل ٿيڻ کان روڪڻ وارن مطالبن کي داعش جي ظلمن جو نشانو بڻيل ماڻهن کي سزا ڏيڻ برابر قرار ڏنو آهي.

ڪائونسل آف امريڪن اسلامڪ ريليشن جي اڳواڻ ڪوري سيلر جو چوڻ هو ته رياستن جا گورنر شامي پناهگيرن کي قبول نه ڪرڻ جو اعلان ڪري داعش جي ناپاڪ مقصدن کي حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڪري رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته داعش پيرس حملو ڪري شام مان يورپ ۽ امريڪا ويندڙ لکين پناهگيرن جي رستا روڪڻ پئي چاهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*