سـُپريم ڪورٽ، گوجرانوالا مان چونڊيل نواز ليگ ايم اين اي عابد رضا جي قتل ڪيس ۾ بريت جو پاڻمرادو نوٽيس وٺندي سندس گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا

superemcourt12-8

سـُپريم ڪورٽ، گوجرانوالا مان چونڊيل نواز ليگ ايم اين اي عابد رضا جي قتل ڪيس ۾ بريت جو پاڻمرادو نوٽيس وٺندي سندس گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ۾ چيو آهي ته جيڪو شخص 6 ڄڻن جي قتل ۾ ملوث آهي، اهو اسيمبلي ۾ ڪيئن ٿو ويهي سگهي.؟

چيف جسٽس، جسٽس انور ظهيرجمالي جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ گوجرانوالا جي قومي تڪ اين اي 107 تان ڪامياب ن ليگ جي اڳواڻ عابد رضا جي ڪاميابي خلاف سندس مخالف اميدوار چوڌري الياس جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته رضا عابد 6 ڄڻن جي قتل ۾ملوث آهي ۽ 11 ماڻهن جي قتل ۾ نامزد آهي، دهشتگردي ٽوڙ عدالت رضا عابد کي سزا به ٻڌائي چڪي آهي پر ان باوجود اهو  اسيمبلي ميمبر  آهي.

عابد رضا جي وڪيل چيو ته مقتول جي وارثن سان صلح نامي بعد دهشتگردي ٽوڙ عدالت عابد رضا کي بري ڪري ڇڏيو هو.

عدالت، ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته جيڪو شخص 6 ماڻهن جي قتل ۾ ملوث آهي ۽ 11 ڄڻن جي قتل ۾ نامزد آهي، اهو اسيمبلي ۾ ڪيئن ٿو ويهي سگهي.

عدالت، اهليت بابت ڪيس ۾ ن ليگ ايم اين اي رضا عابد جي قتل ڪيس ۾ بري ٿيڻ واري معاملي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺندي سندس گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.

سپريم ڪورٽ، رضا عابد کي 2 لک رپين جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي کيس ايندڙ ٻڌڻي تي طلب ڪري ورتو آهي.

عدالت، فيصلو ڪيو ته رضا عابد جي اهليت بابت ڪيس ۽ قتل ڪيس ۾ بريت بابت پاڻمرادي نوٽيس تي ڌار ڌار ٻڌڻي ڪئي ويندي.

واضح رهي ته دهشتگردي ٽوڙ عدالت 1999 ۾ عابد رضا کي قتل ڪيس ۾ سزا ٻڌائي هئي، جنهن بعد مقتول جي وارثن سان صلح نامي تي کيس بري ڪيو ويو هو…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*