سنڌ اسيمبلي جَي اسپيڪر آغا سراج دراني، ايم ڪيو ايم ميمبرز جي استعيفائن جي واپسي واري درخواست منظوري ڪري ورتي

mqm-astifa12

سنڌ اسيمبلي جَي اسپيڪر آغا سراج دراني، ايم ڪيو ايم ميمبرز جي استعيفائن جي واپسي واري درخواست منظوري ڪري ورتي آهي، آغا سراج دراني چيو آهي ته هو اڳ چئي چڪو آهي ته متحده ميمبرز استعيفائن واري معاملي تي جلدبازي ڪئي هئي.

ايم ڪيو ايم ميمبرز سنڌ اسيمبلي جي سيڪريٽريٽ پهچي اسپيڪر وٽ استعيفائون واپس وٺڻ بابت درخواست ڏني، جيڪا آغا سراج دراني منظور ڪري ورتي آهي.

ان موقعي تي پريس ڪانفرنس ڪندي آغا سراج دراني چيو ته هو اڳ ئي چئي چڪو هو ته استعيفائن واري معاملي تي ايم ڪيو ايم ميمبرز جلدبازي ڪئي.

هن چيو ته ايم ڪيو ايم کي سنڌ سرڪار  ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو صوبائي حڪومت ڪندي، ان حوالي سان هو ڪابه تجويز يا تبصرو نٿو ڪري سگهي.

آغا سراج دراني چيو ته مڪاني چونڊون مڪمل ٿيڻ کانپوءِ پارٽي ڊسپلين جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ايم اين اي، ايم پي ايز ۽ پارٽي عهديدارن خلاف ڪارروائي جي شروعات ٿيندي.

هن چيو ته ماضي ۾ پيپلز پارٽي ڇڏيندڙن کي ناڪامي کانسواءِ ڪجهه به حاصل ناهي ٿيو، شهيدن جي جماعت سان غداري ڪندڙن کي عوام رد ڪري ڇڏيو آهي.

آغا سراج دراني چيو ته بلاول ڀُــــٽي زرداري گذريل ڏينهن بدين ۾ ريلي ڪڍي پنهنجي امڙ شهيد بينظير ڀٽو جي ياد تازه ڪري ڇڏي آهي.

هڪ سوال جي جواب ۾ آغا سراج دراني چيو ته آئين ۽ رولز موجب، پروين جوڻيجو جي استعيفيٰ منظور  ڪئي، ان حوالي سان هن ڪنهن سان زيادتي ناهي ڪئي……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*