پاڪستان جو چين سان رابطو ڪنهن به ملڪ خلاف نه آهي، اقتصادي راهداري منصوبي جو مقصد پاڪستان کي وچ ايشيا سان ڳنڍڻ آهي:سرتاج عزيز
وزيراعظم جي پرڏيهي معاملن بابت صلاحڪار سرتاج عزيز چيو آهي ته پاڪستان جو چين سان رابطو ڪنهن به ملڪ خلاف نه آهي، اقتصادي راهداري منصوبي جو مقصد پاڪستان کي وچ ايشيا سان ڳنڍڻ آهي، راهداري منصوبو مڪمل ٿيڻ سان سموري خطي کي فائدو پهچندو.
اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي پرڏيهي معاملن بابت صلاحڪار سرتاج عزيز چيو ته پاڪ-چين اقتصادي راهداري منصوبو نه صرف پاڪستان پر سموري خطي لاءِ وڏي اهميت رکي ٿو.
هـُن چيو ته چين ۽ پاڪستان ۾ ڀائراڻا لاڳاپا آهن ۽ ٻنهي ملڪن هميشه هڪٻئي جي ڏکي وقت ۾ مدد ڪئي آهي، اسلام آباد جو بيجنگ سان رابطو ڪنهن ملڪ جي خلاف نه آهي.
سرتاج عزيز چيو ته پاڪ چين اقتصادي راهداري منصوبي جو مقصد پاڪستان کي وچ ايشيا سان ڳنڍڻ آهي، خطي جي ملڪن ۾ وڌندڙ رابطن سان امن امان کي هٿي ملندي.
پرڏيهي صلاحڪار وڌيڪ چيو ته پاڪ-امريڪا لاڳاپن کي هٿي وٺرائي پئي وڃي، امريڪا پاڪ افغان تجارت ۽ 100 ميگاواٽ جي ڪاسا منصوبي جي حمايت ڪئي آهي……………….