پاڪ چين اقتصادي راهداري منصوبي جي نگراني جو جائزو وٺڻ لاءِ جوڙيل پارلياماني ڪميٽي پاران مغربي روٽ جو جائزو وٺڻ جو فيصلو ڪري ورتو

mushahid-hussain

پاڪ چين اقتصادي راهداري منصوبي جي نگراني جو جائزو وٺڻ لاءِ جوڙيل پارلياماني ڪميٽي پاران مغربي روٽ جو جائزو وٺڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، ڪميٽي چيئرمين مشاهد حسين سيد چيو آهي ته 28 ۽ 29 نومبر تي گوادر جو دورو ڪيو ويندو، چيني سفير ۽ جي ايڇ ڪيو به ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندا.

اسلام آباد ۾ مشاهد حسين سيد جي صدارت هيٺ اقتصادي راهداري منصوبي جي جائزي لاءِ جوڙيل ڪميٽيءَ جو اجلاس ٿيو.

اجلاس ۾ اقتصادي راهداري منصوبي تي سياسي پارٽين جي خدشن جو جائزو ورتو ويو، ميمبرز جو چوڻ هو ته راهداري منصوبي تي عملدرآمد جي رفتار انتهائي سست آهي.

ڪميٽي چيئرمين مشاهد حسين چيو ته 28 ۽ 29 نومبر تي گوادر جو دورو ڪيو ويندو، جڏهن ته مغربي روڊ تي وڃي  هلندڙ ڪم جو به جائزو ورتو ويندو.

مشاهد حسين سيد چيو ته ڪميٽي خيبرپختونخواهه ۾ مغربي روٽ جو معائنو ڪرڻ لاءِ به حسن ابدال ۽ ڊيرا الهيار خان ويندي.

هن چيو ته چيني سفير ايندڙ مهيني ڊسمبر ۾ ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندو، جڏهن ته جي ايڇ ڪيو به ڪميٽي کي سڪيورٽي صورتحال کان آگاهه ڪندو.

ڪميٽي، پاڻي ۽ بجلي واري وزارت کي  کي هدايت ڪئي آهي ته بلوچستان ۾ ونڊڪاري ڊور جي سروي ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*