صحت واري صوبائي وزير ڄام مهتاب ڏهر مڪاني چونڊن جَي ٻئين ۽ ٽئين مرحلي ۾ ڊاڪٽرز جي ڊيوٽي نه لڳائڻ جي درخواست

jam-mahtab-dhahr

صحت واري صوبائي وزير ڄام مهتاب ڏهر مڪاني چونڊن جَي ٻئين ۽ ٽئين مرحلي ۾ ڊاڪٽرز جي ڊيوٽي نه لڳائڻ جي درخواست ڪندي چيو آهي ته ڊاڪٽرن جي ڊيوٽي لڳائڻ سان صحت کاتي جو ڪم متاثر ٿيندو.

صحت واري صوبائي وزير ڄام مهتاب ڏهر صوبائي اليڪشن ڪمشنر ۽ ڪمشنر ڪراچي کي خط لکيو آهي.

صوبائي وزير خط ۾ ڄاڻايو آهي ته ڊاڪٽرز جون اليڪشن ۾ ڊيوٽيون لڳائڻ سان ڪم متاثر ٿئي ٿو، جڏهن ته مريضن جي تڪليفن به اضافو ٿئي ٿو.

ڄام مهتاب ڏهر چيو ته ان حوالي سان هن ڪمشنر ڪراچي کي به خط لکيو آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪراچي ۾ مڪاني چونڊن جي پولنگ دوران ڊاڪٽرز جي ڊيوٽي لڳائڻ کان پاسو ڪيو وڃي.

ڄام مهتاب ڏهر وڌيڪ چيو ته ايمرجنسي ۾ ڊاڪٽرن جون ڊيوٽيون لڳايون وڃن ٿيون، جنهن سان صحت کاتي جو ڪاروهنوار متاثر ٿئي ٿو، صوبائي اليڪشن ڪمشنر ۽ ڪمشنر ڪراچي کي سندس درخواست تي نظر ثاني ڪرڻ گهجي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*