ڀارت: کدڙن جو مس ڪوئيمبيٽور جو مقابلو

missworld

مس ورلڊ، مس يونيورس يا مس انڊيا جا مقابلا ته اسان ڏسي چڪا آهيون پر هن ڀيري ڀارتي شهر ڪوئيمبيٽور ۾ انوکو مقابلو ٿيو، جنهن ۾ کدڙي فقيرن مان مس ڪوئيمبيٽور چونڊي وئي.

ڪوئيمبيٽور ۾ کدڙن لاءِ خاص فيشن شو به منعقد ڪرايو ويو هو، جڏهن ته بيوٽي پارلر، دڪان، سلائي ڪڙهائي جهڙن ڪاروبارن ۾ پاڻ ملهائيندڙ کدڙن کي ايوارڊز سان به نوازيو ويو.

ان موقعي تي  مس ڪوئيمبيٽور کي تاج پارايو ويو ۽ کيس ايوارڊ به ڏنو ويو. پروگرام ۾ شريڪ کدڙن جو چوڻ هو ته کين سدائين معاشري ۾ گهٽ سمجهيو وڃي ٿو ۽ هو ٺٺولين جو نشانو بڻجڻ ٿا پر هن پروگرام سان کين عزت ۽ مڃتا ملي رهي آهي، جنهنڪري هو تمام گهڻو خوش  آهن،

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*